ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين مير ڏنل ٽالپر چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٽائون ڪميٽي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪري پئي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ٽائون چيئرمين مير ڏنل ٽالپر چيو ته ٽائون ملازم گوهر ڦلپوٽي ڪيترين ئي ٽائونز جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته گوهر ڦلپوٽي 11 گريڊ جو ملازم آهي جيڪو آفيسر سڏرائي عوام کي ڦري پيو، سندس خلاف نيب ۾ ڪيس داخل آهن.
مير ڏنل ٽالپر چيو ته هو گوهر ڦلپوٽي سان گڏ نٿا هلي سگهن، ڪائونسل کيس رد ڪري ڇڏيو آهي