رپورٽ: خيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ چونڊن جا ڪهڙا نڪتا نتيجا؟؟

خيرپور جي مهراڻ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ايمپلائز ويلفيئر ايسوسئيشن جي چون لطيف پئنل کٽي ورتي.

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  ڪيمپس ۾ ايمپلائز ويلفيئر ايسوسئيشن جي چونڊ ۾ شاهه لطيف ۽ سچ پئنل ۾ چونڊ ٿي.

شاه لطيف پئينل جي چيئرمين رحمت ڪنڌر، وائيس چيئرمين مرتضي فل، صدر زاھد ڏھوٽ، سينئر نائب  صدر اسد اڄڻ نائب صدر  سليم چانڊيو، جنرل سيڪريٽري طارق بلوچ، پريس سيڪريٽري رياض ناريجو سميت ٻيا عهداد ماڻي ورتا.

ملازمن چونڊجي آيل عهديدارن سان گڏ ڪيمپس اندر ريلي ڪڍي ۽ دهلن شرنائين تي جهمريون هنيون.

نئين چونديل صدر زاهد ڏهوٽ خطاب ڪندي چيو ته هو سڀن ملازمن جو ٿورائتو آهي، جن مٿن ڀروسو ڪري ڪامياب ڪيو، هو ڪوشش ڪندا ته ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.