رپورٽ: چمبڙ: صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي پاران باهه متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو

چمبڙ ويجهو صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي باهه متاثر ڪولهي برادري وٽ پهچي امدادي سامان ورهايو.

ڳوٺ سائينداد ڊيشڪ ۽ ميانداد رند ۾ ڪولهي برادري جي 50 گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه رکي ٿي ويو هو.

وڏي وزير جي صلاحڪار ويرجي ڪولهي، ٽائون چيئرمين جبران امين حيدري سان گڏجي متاثرن وٽ پهچي همدردي جو اظهار ڪري راشن جا ٿيلها ورهايا.

ويرجي ڪولھي صحافين کي ٻڌايو ته متاثر ٿرپارڪر ۾ ڏڪار سبب ٻين علائقن ۾ پورهي لاءِ ايندا آهن، جن جي مالي مدد لاءِ جلد سمري وڏي وزير کي ڏني ويندي.

صوبائي صلاحڪار چيو ته متاثرن کي جلد ٽينٽ ڏنا ويندا جئين جو سر ڍڪي سگهن

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.