رپورٽ: حيدرآباد: لطيف جي شاعري منزل جو نشان آهي: ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي

حيدرآباد ۾ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي چيو آهي ته لطيف جي سڄي شاعري منزل جو نشان آهي، اها منزل جنهن ۾ انسانيت جي بقاءَ آهي،

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران “شاهه لطيف جي شاعريءَ جو لساني، سماجي ۽ تاريخي پهلو” جي عنوان هيٺ ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو

ان موقعي تي لطيف جي شاعري جو سماجي ۽ تحقيقي اڀياس جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي چيو ته لطيف جا ڪردار سماجي آهن، ننڍي کنڊ جي سمورن صوفي شاعرن جو موضوع وحدت الوجودي هو،

هن چيو ته شاهه لطيف جي سڄي ٻولي ۾ ڌنارن، ٻڪرارن، سنگهارن، ماروئڙن ۽ ميهارن جي ذڪر گهڻو ملي ٿو، لطيف جي شاعر ۾ پاڻي جي گهٽ ٿيڻ جو ذڪر تمام گهڻو آهي، لطيف پاڻي جي گهٽجڻ جا سبب به ٻڌائي ٿو،

هن چيو ته لطيف ته جاگرافي تي به ڳالهائي ٿو، سائنس ۽ سماجيات جو شاعري وسيلي ذڪر ڪيو آهي.

 هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لطيف پنهنجي شاعري ۾ عام سماجي منظر بهترين انداز سان بيان ڪيا آهن، ان ڪري شاعري ۾ عام سماجي ڪيفيتون نظر اچن ٿيون،

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي چيو ته راڻي ۽ مومل جي ذڪر ۾ لطيف جو اهو سماجي انداز چٽي نموني سامهون اچي ٿو، اهڙي طرح لطيف پنهنجي شاعري ۾ سسئي جي ڪيفيتن کي به بيان ڪيو آهي،

هن چيو ته لطيف جڏهن ڪا ڳالهه بيان ڪري ٿو ته ان جي پويان تمام وڏو پيغام ۽ هڪ داستان موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.