نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پنهنجي سخت بيانن سان سڃاتي ويندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت ڪانگريس تي تنقيد ڪندي ان پارٽي کي ملڪ ۾ غربت جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪنگنا رناوت چيو ته منهنجي خيال ۾ ڀارت نيٺ آزادي حاصل ڪري رهيو آهي، ڇو ته ان کان اڳ اسان برطانوي ۽ اطالوي حڪومت جا غلام هئاسين. سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪانگريس اقتدار ۾ هئي ته ملڪ اهڙي غربت ۽ گدلاڻ جو شڪار هو جو اسان ڪيڏانهن نه ڏٺو، تنهن ڪري ماڻهو وڏي انگ ۾ نڪرن ۽ ووٽ ڏين. ڪنگنا رناوت انهن بالي ووڊ فنڪارن کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو هو، جيڪي چونڊن ۽ سياست جي حوالي سان ماڻهن کي آگاهي نه پيا ڏين. واضح رهي ته ڪنگنا رناوت ماضي ۾ نريندر مودي جي حمايت ڪندي سندس قائداڻي صلاحيتن کي ساراهيندي رهي آهي.