واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز جو چوڻ آهي ته چائنا پاڪ اقتصادي راهداري ( سي پيڪ) سٺو منصوبو آهي پر ان ۾ شفافيت هئڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ايلس ويلز جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزير اعظم عمران خان جي ملاقات جي باري ۾ اڃان ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
هن چيو ته وزير اعظم عمران خان غير رياستي عنصرن جي خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي، وزير اعظم پاڪستان جي غير رياستي عنصرن جي خلاف ڪارروائي جي بيان جي حمايت ڪيون ٿا، پاڪستاني حڪومت طرفان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد به خوشي ڏيندڙ آهي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان جي باري ۾ وزير اعظم عمران خان جو پاليسي بيان خوشي ڏيندڙ آهي، افغانستان جي حوالي سان زلمي خليل زاد جي ملاقاتن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن ٿيندو ته سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو.
ايلس ويلز چيو ته پاڪستان افغانستان کي گڏيل معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان تي وڏي اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.
آمريڪي نائب پرڏيهي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستان ۾ آهي ۽ پاڪستان ۾ معاشي مضبوطي علائقائي مضبوطي جي لاءِ گهڻي ضرورت آهي.
هن چيو ته وزير اعظم چيو ته ڀارتي چونڊن کان پوءِ پاڪ ڀارت ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، وزير اعظم پاڪستان جو بيان خوشي ڏيندڙ آهي ته پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته علائقائي تڪرار سارڪ جي موثر ڪردار کي متاثر ڪيو آهي، ايٽمي طاقتون تڪرار جو جو شڪار نٿيون ٿي سگهن.
ايلس ويلز چيو ته ڀارت طرفان افغان سر زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ جا ثبوت ناهن مليا پر ڪنهن به ملڪ کي غير رياستي عنصرن کي سپورٽ نه ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪا جي وچ ۾ بهترين واپاري لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ آميرڪا جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 6.6 بلين ڊالر آهي، جيڪو پاڪستان جو دشمن آهي اُهو آمريڪا جو به دشمن آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڪنهن عليحدگي پسند تحريڪ جي حمايت ناهي ڪندو پر جمهوريت ۾ آزادي راءِ اظهار جو وڏو ڪردار هوندو آهي.