رپورٽ: حيدرآباد: ايس يو پي ليڊيز ونگ پاران ڪارڪن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ليڊيز ونگ حيدرآباد پاران ايس يو پي جي ڪارڪن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ايس يو پي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ياسمين ٿيٻو، ذليخا ٿيٻو، آصفه ابڙو ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو لڳ منظور آباد ۾ هوٽل تي ويٺل ايس يو پي اڳواڻ راجا حيدر ٿيٻو کي پوليس اٽالا ناحق کنڀي کڻي ويا، جنهن کي هن وقت تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي…..ايس او ٽيز….

هنن چيو ته وارثن راجا ٿيٻو جي کنڀجڻ بابت حد جي ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي به نوجوان جي کنڀي گم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود هن وقت تائين نوجوان جو پتو ناهي پيو

هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن نوجوان کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.