ڪوٽڙي بلاول ميڊيڪل اسپتال ۾ مريض جي علاج جي نالي تي ٻن ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
مريض کي الٽراسائونڊ لکي ڏيڻ واري معاملي تان ڊاڪٽر اويس شيخ ۽ آفتاب جمالي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو.
ڊاڪٽر آفتاب جمالي دانهيندي چيو ته بااثر ڊاڪٽر کي الٽراسائونڊ لکي ڏيڻ کان روڪيو هو، جنهن تان مٿس حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڊاڪٽر جي دانهن تي اين سي داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.