اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف…. ڇرڪائيندڙ خبر پڙهندا

آصف رحمان، بو علي، فرحت علي، عزيز احمد ۽ خالد نالي 5 ڄڻا گرفتار

اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف…. ڇرڪائيندڙ خبر پڙهندا

لاهور(ويب ڊيسڪ) شپنگ ڪمپنين جي ڪوڙن دستاويزن تي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ انهن جي ذريعي 15 کان 20 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.

تفصيل موجب لاهور جي مختلف علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي 70 جي لڳ ڀڳ بنا نالي اڪائونٽن جو ريڪارڊ ۽ شپنگ ڪمپنين جا ڪوڙا دستاويز هٿ ڪري ورتا ۽ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن اڪائونٽن جي ذريعي 15 ارب کان وڌيڪ رقم ڊالر ۾ منتقل ڪري دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ مني لانڊرنگ جي ذريعي موڪليندا رهيا.

ايف آءِ اي ڪرائم سرڪل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضياءُ اسلام ٻڌايو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي کي اطلاع مليا هئا ته شپنگ ڪمپنين جي ڪوڙن دستاويزن تي اڪائونٽ کوليا ويا آهن ۽ انهن اڪائونٽن مان ڳري رقم ڊالر ۾ منتقل ڪري دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ مني لانڊرنگ جي ذريعي موڪلي ويندي رهي، انهن ۽ ۾ مختلف بينڪن جا آفيسر ملوث آهن.

ايف آءِ اي جي ٽيم گلبرگ جي مختلف بينڪن ۾ ڇاپا هڻي آصف رحمان، بو علي، فرحت علي، عزيز احمد ۽ خالد نالي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ۽ انهن وٽان 70 کان وڌيڪ بنا نالي اڪائونٽس جو ريڪارڊ ۽ شپنگ ڪمپنين جا ڪوڙا دستاويز به هٿ ڪري ورتو ۽ انڪشاف ٿيو ته وڌيڪ بينڪن جا آفيسر به ان غير قانوني ڪم ۾ ملوث آهن.

ضياءُ اسلام موجب ان ڪم لاءِ شپنگ ڪمپنين جي اصل دستاويزن جون رنگين فوٽو ڪاپيون استعمال ٿينديون رهيون ۽ ڪجهه اهڙين به شپنگ ڪمپنين جي نالي تي اڪائونٽ کوليا ويا جنهن جو ڪو وجود ئي ناهي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان هن وقت تائين انهن بنا نالي اڪائونٽن جي ذريعي 15 کان 20 ارب رپيا ماليت جي رقم کي ڊالرن ۾ تبديل ڪري مني لانڊرنگ ڪئي وئي. بنا نالي اڪائونٽن ۾ رقم ڪراچي ۽ اسلام آباد مان به جمع ڪرائي ويندي رهي ۽ مني لانڊرنگ ۾ مني چينجرز جا سهولتڪار به ملوث آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.