اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته عمران خان کي رڳو ڍال جي طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اڄ ماڻهن جو رڙيون نڪري رهيون آهن، اڃان ته بجيٽ اچي رهي آهي اڃان به وڌيڪ رڙيون نڪرنديون، هي واحد حڪومت آهي جنهن ايمنسٽي اسڪيم چورن جي لاءِ قرار ڏني، هاڻ قوم سوال ڪري ٿي ته حڪومت جي ايمنسٽي چورن جي لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته توهان چئو ٿا ته آئون جوهري آهيان جيڪو هيرن کي سڃاڻيندو آهي، توهان ڪهڙا هيرا آهيو جنهن هيري کي پٿر بڻائي ڇڏيو.
خورشيد شاهه چيو ته اسان کي طاقت تي نه اتحاد ۽ اتفاق تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، ذوالفقار علي ڀٽو به ڪجهه ٽيڪنو ڪريٽ رکندو هو پر ان جي حڪومت ته ڪمال ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سمورين حالتن جي باوجود مخالف ڌر ڪڏهن به نه چاهيندي ته ماڻهن جو رڙيون نڪرن، ماڻهن کي ڳالهائڻ ڏيو، هنن کي گهٽا نه ڏيو، اسان پنهنجي دور ۾ قرض ورتا ته حڪومت حفيظ شيخ کان پڇي ڇو ته هو اسان جو حصو آهي.
خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته معيشت جي صورتحال ان ڪري خراب آهي ڇو ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار آهي، فوج کي حڪومت جي ناڪامين باوجود ائين سامهون نه اچڻ گهرجي، ائين پيو لڳي ته ڄڻ عمران خان کي ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي، مدرسن ۾ سڌارن جي ڳالهه سميت ٻيا مسئلا روز اٿاريا وڃن ته بهتر ٿيندو، فوج اهڙين شين ۾ مداخلت کان پاسو ڪري ڇو ته ائين ڪرڻ سان ادارا تڪراري ٿيندا آهن.