ٽنڊو الهيار جي سب جيل ۾ قيدي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو.
جيل ۾ فوت ٿيل عبدالجبار خاصخيلي جي وارثن پاران نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جو الزام هڻي احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس بنا سبب سندن نوجوان کي وحشياڻي تشدد بعد قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏنو آهي.
سندن چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته قيدي عبدالجبار اڳٺ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.