ڪڍڻ ۾ بااثر زميندارن جا دڪا ڪڍرائي ننڍن آبادگارن کي پاڻي پهچائيندڙ ايس ڊي او ايريگيشن فياض قمبراڻي کي هٽائڻ جي سازش ڪندڙن خلاف آبادگارن پاران احتجاج ڪيو ويو.
آبادگار مير واحد بخش ۽ خان محمد بروهي سوڌو ٻين چيو ته آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي واهن ۾ ايس ڊي او ايريگيشن فياض قمبراڻي جي ڪوششن کانپوءِ پوڇڙين تائين پاڻي پهتو آھي، جنهن سبب آبادگارن ۾خوشي جي لهر پکڙيل آهي.
سندن چوڻ هو ته بااثرن جي چرچ تي فرض شناس آفيسر کي بدلي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا
آبادگارن گهر ڪئي ته ايمانداري سان پنهنجا فرض نڀائيندڙ آفيسر کي مستقل هتي مقرر ڪري واهن ۽ شاخن ۾ گهربل پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي.