اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مدرسن کي تعليم واري وزارت جي ماتحت آڻڻ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته شروعاتي مرحلي ۾ رجسٽرڊ مدرسن کي تعليم واري وزرات جي ماتحت آندو ويندو.
ذريعن موجب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) سڄي ملڪ ۾ مدرسن جي جيو ٽيگنگ ۽ رجسٽريشن رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آهي، جيڪا صوبن کي فراهم ڪئي ويندي.
نيڪٽا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود سمورن مدرسن جي جيو ٽيگنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي قبيلائي علائقي فاٽا جي 85 سيڪڙو، سنڌ جي 80 سيڪڙو، ڪي پي جي 75 سيڪڙو ۽ بلوچستان جي 60 سيڪڙو مدرسن جي جيو ٽيگنگ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته پنجاب ۾ 90 سيڪڙو مدرسن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اها به تجويز ڏني وئي ته پنجاب ۾ نون مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ نئون ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪيو ويندو.
نيڪٽا رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪي پي ۾ تعليم کاتو نون مدرسن جي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪندو، جڏهن ته سنڌ ۾ پوليس کي مدرسن جي رجسٽريشن جي ذميواري ڏني وئي هئي پر هڪ به مدرسو رجسٽر نه ٿي سگهيو، بلوچستان ۾ مدرسن جي ڊيٽا تعليم کاتي کي موڪلي وئي آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته مدرسن جي آڊٽ لاڳاپيل صوبن جا تعليم کاتا ڪندا، جڏهن ته مدرسن کي حاصل ٿيندڙ چندو، زڪوات، خيرات، کَلن جي وصولي ۽ فنڊنگ ذريعن جي جاچ پڙتال به ڪئي ويندي.