مهمند ۾ ڌماڪو…..

بارودي مواد امن ڪميٽي جي ميمبر جي گهر ڀرسان لڳايو ويو هو

مهمند(ويب ڊيسڪ) امبار تحصيل ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي امن ڪميٽي جو ميمبر مارجي ويو.

تفصيل موجب مهمند جي تحصيل امبار جي علائقي سره شاهه ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جو ميمبر عمر سيد سبق مارجي ويو. بارودي مواد امن ڪميٽي جي ميمبر جي گهر ڀرسان لڳايو ويو هو.

سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.