رپورٽ: ڪوٽڙي ميونسپل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪهڙا ٿيا انڪشاف؟؟

ڪوٽڙي ميوسنپل ڪميٽي جو اجلاس شروع ٿيڻ سان گڏ ملتوي ٿي ويو.

ميونسپل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ارباب نور محمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڻي واري ايجنڊا سوڌو مختلف معاملن تي بحث وقت ڪائونسلرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.

ڪائونسلر اياز ڪوريجو، مقصود کوکر  ۽ الهڏنو شاھ سوڌو ٻين اجلاس ۾ شهر ۾ صفائي سٿرائي سوڌو بنيادي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

سندن چوڻ هو ته ڪروڙين رپيا بجيٽ هئڻ باوجود شهر کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته سهولتن جي کوٽ سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

ميونسپل چيئرمين ڪائونسلرن جي احتجاج بعد اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.