رپورٽ:نوابشاهه: پي ايم يو اسپتال جي نرسن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوابشاهه ۾ پي ايم يو اسپتال جي نرسن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پي ايم يو اسپتال جي نرسن زهران ٻگهئي ، مطور علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ هڪڙو قانون ۽ سنڌ ۾ ٻيو قانون آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سروس اسٽرڪچر بحال ڪري ٽائيم اسڪيل ،  پروموشن ۽ هيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.