ڪراچي جي احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي فرنٽ مين اظهار حسين کي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.
ڊفينس واري علائقي مان گذريل رات گرفتار ٿيل اظهار حسين کي نيب ٽيم احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.
نيب اختيارين عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار اظهار حسين اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو فرنٽ مين آهي، مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مختلف ملڪيتن جي غيرقانوني داخلا ۾سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام آهي. نيب موجب جوابدار وٽان مختلف ملڪيتن جا دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن.
عدالت جوابدار اظهار حسين کي 9 مئي تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو