نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز ۾ ماڊل ڪورٽ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد جوابدار کي 3 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائيندي.
جوابدار اصغر ڪمبوهه کي 3 ڀيرا ڦاهي ڏيڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جوابدار سال 2011ع ۾ 7 ورهين جي نينگري کي ٽيوب ويل تي وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو هو.
نينگري جي ڀاءُ مشتاق ڪمبوهه محرابپور ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.