پيرس (ويب ڊيسڪ) برازيلين فٽ بال اسٽار نيمار تقريب دوران ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ تماشائي کي مڪو هڻي ڪڍيو.
فرانس جي شهر سينٽ جرمين ۾ فرينچ ڪپ جو فائنل هارائڻ کان پوءِ نيمار هڪ ٻئي تڪرار ۾ ڦاسي پيو، ميچ جي پڄاڻي تقريب ۾ پيرس سينٽ جرمين جي ٽيم پنهنجو رنرز اپ ميڊل وصول ڪرڻ وڃي رهي هئي ته نيمار ڏاڪڻيون چڙهندي ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ هڪ تماشائي جي موبائل واري هٿ کي ڇڪيو ۽ ان کان پوءِ تماشائي جي چهري تي مڪو هڻي ڪڍيو.
نيمار جي ان حرڪت تي ڪوچ ٿامس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تيمار يا ڪنهن به فٽبالر کي اها حرڪت زيب نٿي ڏئي، اهو درست آهي ته شڪست کان پوءِ ڪا به ڳالهه ناهي وڻندي، اسان کي هر صورت ۾ تماشائن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجو رويو مثالي بڻائڻ گھرجي.