لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ گرفتار تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي شروع ٿي ته احتساب عدالت جي جج پڇاڻو ڪيو ته عليم خان خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اڃا جاچ جاري آهي. عدالت ڪمري ۾ رش ڏسندي چيو ته اڄ جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ٿيڻي آهي ته ڇا جوڊيشل رمانڊ لاءِ ايترا ماڻهو گهرائڻ ضروري آهن، جنهن تي عليم خان چيو ته اسان نه ٿا گهرايون ماڻهو پاڻ اچي ويندا آهن. احتساب عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته آخري رپورٽ ڪيستائين جمع ڪرائي ويندي، ماڻهو جيل ۾ آهي ٻڌايو ته رپورٽ ڪڏهن پيش ٿيندي. نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اڃا رپورٽ تيار ٿي رهي آهي، ريفرنس داخل نه ٿيو آهي، ڪيس ۾ وڌيڪ ماڻهو ملوث آهن جيڪي فرار ٿي چڪا آهن، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پراسيڪيوشن جوابدار کي لامحدود وقت لاءِ قيد نه ٿي رکي سگهي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته عليم خان خلاف ڪيس ۾ ماهرن جي راءِ ورتي وئي آهي، ڪيس ۾ وڌيڪ شاهديون حاصل ڪرڻيون آهن، رپورٽ جلد مڪمل ڪئي ويندي. عدالت عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 13 مئي تائين واڌ ڪندي نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تائين آخري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.