سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روشن سنڌ منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روشن سنڌ منصوبي خلاف جاچ اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي بابت سان ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ان منصوبي جا تفصيل گهريا ته سڀني جون رڙيون نڪري وينديون.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته روشن سنڌ منصوبي ۾ ڪرپشن واري معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، معاملي جي وڌيڪ جاچ نيب جي گڏيل ٽيم ڪندي.

درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته انڪوائري جاري رهڻ دوران روشن سنڌ منصوبي کي اسلام آباد منتقل نٿو ڪري سگهجي.

عدالت پُڇاڻو ڪيو  ته ڇا روشن سنڌ منصوبي کانپوءِ سنڌ ۾ اونداهي ختم ٿي وئي آهي؟ ٻڌايو ته سولر پليٽس ڪهڙي ڪمپني کان خريد ڪيون ويون؟

چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ان منصوبي جا تفصيل گهريا ته سڀني جون رڙيون نڪري وينديون.

واضح رهي ته نيب طرفان سنڌ روشن منصوبي ۾ ڪرپشن جي حوالي سان جاري جاچ ۾ خليل اسد ۽ آغا شاهد سوڌو 15 جوابدار جا نالا شامل آهن…

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.