نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت فوجي طاقت وڌائڻ لاءِ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن جي دفائي بجيٽ 66 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
اسٽاڪ هوم ريسرچ انسٽيٽيوٽ موجب ڀارت پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 3.1 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي جنهن کان پوءِ ڀارت جو دفاعي جي بجيٽ 66 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي.
انسٽيٽيوٽ موجب ڀارت فوجي طاقت وڌائيندڙ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي. ڀارت ويڙهاڪ جهازن، جنگي بحري جهازن، هيلي ڪاپٽرن، آلٽري گنز ۽ ڳرن هٿيارن تي وڏي رقم خرچ ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارت ۾ ڪروڙين ماڻهو 24 ڪلاڪن ۾ درڳو هڪ ڀيرو کاڌو کائي سگھندا آهن پر ڀارت غربت جي خاتمي بدران لاڳيتو دفاعي بجيٽ ۾ واڌ ڪري رهيو آهي.
اسٽاڪ هوم ريسرچ انسٽيٽيوٽ موجب دنيا جي ڪل دفاعي بجيٽ ۾ ڀارت جو حصو 3.7 سيڪڙو آهي. دفاعي بجيٽ ۾ ان واڌ باوجود ڀارتي فوج گھڻي لاچاري جي حالت ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رهي آهي. ٻه سال اڳ ڀارتي فوجي اهلڪار تيج بهادر ياديو سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو جاري ڪئي هئي جنهن هن ڀارتي فوجي اهلڪارن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جو پڙدو ڦاش ڪيو هو، پنهنجي ويڊيو ۾ هن چيو هو ته اسان کي ملندڙ کاڌو آفيسر کائي ويندا آهن يا وري بازار ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي.
ان کان پوءِ بي ايس ايف اهلڪار تيج کي نوڪري مان ڪڍيو ويو هو جڏهن ته تيج بهادر فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.