احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم کي هڪ ڀيرو ٻيهر علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم سوڌو ٻين جوابدارن خلاف 17 ارب رُپين جي ڪرپشن واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي.
ڊاڪٽر عاصم علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي حوالي سان اجازت وٺڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي.
عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊاڪٽر عاصم کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر اجازت ڏئي ڇڏي.
ڊاڪٽر عاصم طرفان 2 مئي کان 31 مئي تائين پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، عدالت ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………