اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ساهيوال سانحي جي متاثرن معاملي جي عدالتي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. ساهيوال سانحي جي متاثرن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي جي آءِ ٽي ۽ ۽ ان جي رپورٽ کي رد ڪندي چيو ته سي ٽي ڊي واقعي واري هنڌ جون شاهديون ضايع ڪيون. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي اصل جوابدارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، آءِ جي پنجاب کي واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو اختيار ئي نه هو، جي آءِ ٽي کي جوابدارن جي ڄاڻ هئي پر جوابدارن کي سڃاڻيندي به متاثرن کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ طلب ڪيو، جي آءِ ٽي تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي جوڙ جڪ لاءِ پهريون لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو پر هاءِ ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. درخواست موجب وفاقي سرڪار وٽ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اختيار آهي پر حڪومت جي غير سنجيده هئڻ جي صورت ۾ عدالت کي به جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو اختيار آهي، جوڊيشل ڪميشن ٺهڻ سان ئي اصل حقيقتون سامهون اينديون تنهن ڪري سپريم ڪورٽ کي ساهيوال سانحي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست آهي.