خانپور مهر (ويب ڊيسڪ) خانپور مهر ويجهو پورھيت الھرکيو لنڊ مٿان تشدد ڪري غير انساني تذليل جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس خانپور مھر ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لنڊ، شفيق لنڊ،.رفيق ۽ ممتاز لنڊ تي داخل ڪيوويو.
جوابدارن جي گرفتاري لاء خانپورمھر سميت گھوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اڄ يارو لنڊ ويجھو علي آباد پھتي پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا .
ايس ايڇ او خانپورمھر ذوالفقار مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پورھيت الھرکيو لنڊ ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپا ھڻي رھي آھي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو .
ھوڏانھن پورھيت الھرکيو لنڊ کي وحشياڻو تشدد ڪري سندس تذليل ڪرڻ واري واقعي بعد متاثر پورھيت جي وارثن مٿان خاموش رھڻ لاءِ بااثر ماڻھن پاران دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
ھوڏانھن گھوٽڪي ضلعي جي سياسي سماجي ڌرين پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توڙي آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته پورھيت الھرکيو لنڊ مٿان وحشياڻو تشدد ڪندڙ بااثر افتخار لنڊ سميت سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي…..