ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي شهر ۾ گرم هوائن ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي ۽ موسميات کاتي اربع ڏهاڙي شروع ٿيندڙ هيٽ ويو جو الرٽ برقرار رکيو آهي. ڪراچي ۽ ڀرپاسي گرمي جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، سمنڊ کان هلندڙ ٿڌين هوائن جي جاءِ تي شهر ۾ گرم خشڪ هوائن ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پهرين کان ٽي مئي وچ ۾ ايندڙ هيٽ ويو بابت موسميات کاتي اڳڪٿي برقرار رکي آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته هيٽ ويو دوران سامونڊي هوائون ڏينهن وقت معطل رهنديون، بلوچستان ۽ سنڌ جون صحرائي هوائون شهر ۾ داخل ٿينديون جڏهن ته هيٽ ويو دوران گرمي جو پارو 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين بلند رهي سگهي ٿو. ڊائريڪٽر موسميات موجب 2015ع جي هيٽ ويو جي مقابلي ۾ موجوده هيٽ ويو جي شدت گهٽ درجي جي رهندي، ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ايندڙ هيٽ ويو ۾ هوائي ۾ نمي جو تناسب گهٽ رهندو.