ميشا شفيع جو علي ظفر جي ڳوڙهن تي رد عمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان راڳي علي ظفر ۽ گلوڪارا ميشا شفيع طرفان هڪ ٻئي تي الزامن جو سلسلو جاري آهي ميشا شفيع جي قانوني ٽيم علي ظفر کان غير مشروط معافي جو مطالبو ڪيو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي علي ظفر ميشا شفيع طرفان پاڻ تي لڳايل جنسي طور هيسائڻ وارن الزامن بابت ڳالهائيندي پنهنجن جذباتن کي قابو نه ڪري سگھيو ۽ روئي پيو هو، پر علي ظفر جي ڳوڙهن جو جواب ميشا شفيع پنهنجي قانوني ٽيم ذريعي ڏيندي غير مشروط معافي جو مطالبو ڪري چڏيو آهي.

ميشا شفيع جي قانوني ٽيم ۾ شامل وڪيل نگهت داد، ميشا شفيع طرفان ٽوئٽر تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ميشا جو موقف بيان ڪندي چيو ويو آهي ته علي ظفر ميشا شفيع کي خاموش ڪرائڻ لاءِ هن خلاف ساک متاثر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو، جڏهن ته ساک متاثر ڪرڻ جو بهترين جواب ”سچ“ آهي ۽ ميشا شفيع ڪڏهن به علي ظفر خلاف گُٿا لفظن جو استعمال ناهي ڪيو ، تنهنڪري ميشا شفيع کي ڪنهن به عدالت کان ڪنهنجي به ساک متاثر ڪرڻ جو  ذميوار قرار نٿو ڏئي سگھجي.

بيان ۾ علي ظفر طرفان ميشا شفيع ۽ ملالا جي ڀيٽ کي شرم جوڳو قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اهو به چيو ويو آهي ته ميشا شفيع ۽ جنسي طور هيسايل ٻين عورتن تي حملا حقيقت ۾ جنسي طور هيسائڻ جهڙي مسئلي کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن اهو ئي سبب آهي جو ميشا شفيع قانوني طريقي انصاف حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. قانوني ٽيم طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته علي ظفر ميشا کان عام معافي گھري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.