اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ دير بابت قومي ناڻي کي نقصان بابت ڪيس ۾ بابر اعواڻ جي بريت جي درخواست تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت کي نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ دير بابت قومي ناڻي کي 27 ارب رپين نقصان ڪيس ۾ بابر اعواڻ جي بريت جي درخواست تي اڄ فيصلو ٻڌائڻو هو. فاضل جج ارشد ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته بريت جون ٻيون به درخواستون داخل آهن تنهن ڪري سموريون درخواستون گڏ ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو. نيب موجب پ پ جي دور ۾ حڪومت ۾ وزيرن جي ملي ڀڳت سان نندي پور پاور پروجيڪٽ منصوبي ۾ ٻن سالن جي دير سان قومي ناڻي کي 27 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو.