رمضان کان اڳ مهانگائي، تيل اگهه 14 رپين تائين وڌائڻ جي سفارش

اسلام آباد (م ڊ) اوگرا پيٽرول اگهه وڌيڪ 14 رپين تائين وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب اوگرا پهرين مئي کان پيٽرول 14 رپيا 37 پئسا ۽ ڊيزل 4 رپيا 89 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. گاسليٽ 7 رپيا 46 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل 6 رپيا 40 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. پيٽرول اگهه وڌڻ سان پيٽرول 13 رپيا 26 پئسا، ڊيزل 122 رپيا 32 پئسا، گاسليٽ 96 رپيا 77 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل 86 رپيا 94 پئسا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.