ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ عطائي ڊاڪٽر 8 مهينن جي جي نينگر کي غلط انجيڪشن هڻي ماري وڌو، وارثن جو احتجاج، گذريل سومر واري رات ديرسان ڪراچي جي پراڻي سبزي منڊي واري علائقي ۾ شهري حبيب رحمان پنهنجي 8 مهينن جي پٽ عتيق الرحمان کي پاڙي ۾ قائم هڪ ڪلينڪ تي کڻي آيو جتي ڊاڪٽر کيس انجيڪشن لڳائي ته هو فوري طور تي فوت ٿي ويو، نينگر جي فوت ٿيڻ بعد وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جا ٻه موقف آهن .