رتيديري ۾ ايڊز تباهي مچائي ڇڏي، وڌيڪ 8 ٻارن سميت 9 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق

رتوديرو (رپورٽ: طفيل ساريو) رتوديرو ۾ ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي تي ضابطو اچي ناھي سگھيو، چوٿين ڏينھن وڌيڪ  9 ڪيس ظاھر ٿيا،متاثرن ۾ ٻارن جو ڊاڪٽر به شامل صحت کاتي طرفان تعلقي اسپتال رتوديرو ۾لڳايل اسڪريننگ واري ڪئمپ تي چار ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جن ۾ 12 ورھين جي صبا گھانگھرو ڌيءُ غلام شبير گھانگھرو، اٺن ورھين جو شھباز ولد احسان جويو، ٽن ورھين جي نينگري اريبا خاتون ڌيءُ مقبول مھيسر ، ٻن ورھين جو محمد عيسيٰ ولد مقبول مھيسر ، جڏھن ته ڳوٺ الھڏنو سيلرو ۾ لڳايل اسڪريننگ ڪئمپ تي ھڪ گھر جي ٽن ڀاتين سميت ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جا  چار ڪيس ظاھر ٿيا جن ۾ ڇھن ورھين جي نينگري اقصه ڌيءِ فاروق سيلرو ، 35 ورھين جي ھير زال رابيل سيلرو ، سندس پٽ پنجن ورھين جو پٽ فراز سيلرو ۽ ٻن ورھين جي نياڻي فرحانه سيلرو پڻ ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آھي . جڏھن ته ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 45 ٿي ويو آھي . ان سلسلي ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي طرفان ڊائريڪٽر اياز مصطفيٰ ميمڻ جي اڳواڻي ۾ رتيديري جي عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير معياري خانگي اسپتالن ، بلڊ بئنڪن خلاف ڪارروائي دوران  17 خانگي اسپتالون سيل ڪري انھن کي تالا لڳايا ويا، جڏھن ته ھڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر پاران قائم ڪيل غير قانوني آپريشن ٿيٽر کي پڻ سيل ڪيو ويو، ڊي جي ھيلٿ سنڌ مسعود احمد سولنگي ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي پي ڊي ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ  پڻ رتيديري پھچي مختلف ھنڌن تي لڳايل اسڪريننگ ڪئمپ جو دورو ڪيو بعد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي جي ھيلٿ سنڌ مسعود احمد سولنگي چيو ته گذريل ٽن ڏينھن کان ھيلٿ کاتي طرفان تشڪيل ڏنل ٽيمون رتيديري ۾ ڳجھي نموني جاچ ڪري رھيون ھيون ، اھڙو خطرناڪ وائرس ڪٿان ۽ ڪيئن پکيڙيو آھي . ھن وقت چيف سيڪريٽري سنڌ ، سيڪريٽري صحت  جي حڪم تي سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام ، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ بلڊ ٽرانسٽريشن جون ٽيمون رتيديري ۾ ان سڄي معاملي جي جاچ ڪرڻ بعد ڪارروايون ڪري رھيون آھن .

ھن چيو ته جيڪي پي ايم ڊي سي وٽ ڊاڪٽر رجسٽرڊ ٿيل ناھن اھي سمورا عطائي آھن ڀلي انھن ۾ ايم بي بي ايس ڊگري رکندڙ ڇو نه ھجن . سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي پي ڊي ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ چيو ته ايڇ آءِ وي ھڪ وائرس آھي پر ايڊز بيماري ناھي ، جيڪي به ھن وائرس ۾ مبتلا مريض آھن انھن جي ٻيھر اسڪريننگ ڪرائي مفت علاج ڪيو ويندو ، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي ٻارڙن واري اسپتال ۾ ھنگامي بنيادن تي ھڪ وارڊ قائم ڪيو ويو آھي جتي ايچ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪيو ويندو . ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو نعمان صديقي پڻ رتيديري پھچي اسڪريننگ ڪندڙ صحت کاتي جي عملي کي ساڻ ڪري رتوديرو شھر جي مختلف خانگي اسپتالن تي ڪم ڪندڙ عملي ۽ ڊاڪٽرن  جي پڻ ايچ آءِ وي ٽيسٽون ڪرايون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسڪريننگ دوران ھڪ خانگي اسپتال ھلائيندڙ  ھڪ ٻارڙن جي مشھور مقامي ڊاڪٽر جي ايچ آءِ وي رپورٽ پازيٽو آئي آھي ٻه ٽيسٽون ڪرايون آھن . اڃا ھڪ ٽيسٽ وڌيڪ ڪرائي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.