متحده جي وفاقي وزيرن ۽ ميئر ڪراچي لاءِ ڇا ڪيو:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر)وزير اعلي ٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پهرين  مئي کان متوقع هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ وزير اعليٰ سنڌ لاڳاپيل ماڻهن کي خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب گذريل رات سياسي جماعت جي جلسي ۾ صحافين تي مارڪٽ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت ڪري ميڊيا جي ڪارڪنن سان انهن جو رويو درست ناهي هن ڪراچي جي باشعور عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ڪراچي جي واسين نفرت ۽ تفريق ۽ لسانيت جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته ڇنڇر ڏينهن متحده قومي موومينٽ هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جي نوجوانن کي لسانيت ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪراچي جي شهرين ان تفريق جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.