نئين ديري ويجهو ڪچي جي ڳوٺ کٿي ڪلهوڙا ۾ ڀت ڪرڻ سبب نينگري دٻجي فوت ٿي وئي.
ڳوٺ کٿي ڪلهوڙا ۾ ڳوٺاڻي بهرام ڪلهوڙي جي ستن ورهين جي نينگري ڪلثوم گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هيٺان دٻجي زخمي ٿي پئي.
نينگري کي نازڪ حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
نينگري جي فوت ٿيڻ تي اسپتال ۾ موجود سندس والد ۽ وارث روئيندي بيحال ٿي ويا.
ان موقعي تي ڳوٺاڻي بهرام ڪلهوڙي ٻڌايو ته سندس پاڙيسري رانجهڻ ڪلهوڙي جي ڪچي ڪوٺڙي ٺھيل هئي جيڪا انتهائي زبون ٿي چڪي هئي.
هن چيو تھ رانجهڻ ڪلهوڙي کي ڪيترائي ڀيرا چيو تھ ڀت جي مرمت ڪراءِ نه ڪنهن به وقت ڪو حادثو ٿي سگهي ٿو پر هن هڪ به نه ٻڌي.
هن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ رانجهڻ ڪلهوڙي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي.
هوڏانهن نينگريءَ جو لاش ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو……………..
رپورٽ- منصور سومرو