* سپريم ڪورٽ بار ايسسوسيشن جي سالياني اليڪشن 2019 ۽ 2020 جي سلسلي ۾ صدارت جي عهدي تي بيٺل اميدوار سيد قلب حسن نوابشاھ پھتو .
نوابشاھ سپريم ڪورٽ جي وڪيل ايڊوڪيٽ خادم حسين سومرو ۽ سينيئر وڪيل جليل احمد ميمڻ پاران مقامي ھوٽل ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
ان موقعي تي آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا ويا
ان موقعي تي ايڊوڪيٽ سيد قلب حسن چيو ته هو سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ صدارتي اميدوار لا۽ بيٺو آھيان ان سلسلي ۾ ھتي ووٽ وٺڻ لا۽ پھتو آھيان.
هن چيو ته کيس سنڌ جي وڪيلن تمام گھڻي محبت ڏني آهي اميد آهي ته مان اليڪشن ۾ ضرور ڪاميابيَ ماڻيندس…………