*سوڀوديري ويجهو ڳوٺ امير بخش ٻٽ ۾ ھٿياربندن نثار ٻٽ جي گھر تي ح باھ ڏئي ھٿياربند فرار ٿي ويا ،واقعي خلاف گھر ڌڻين مردن عورتن ٻارن پاران احتجاج ڪيو ويو .
ڳوٺاڻن نثار ٻٽ ۔ مسمات سبحان خاتون ۔ مسمات زبيده ۔ اقبال ۔ ديدار ۔ مرتضي ۔ رياض علي ٻٽ ۽ ٻين پنھنجي سڙيل گھر اڳيان احتجاجي ڪندي چيو ته مخالف ھٿياربند امير بخش ٻٽ جاويد ٻٽ ساٿين سان گڏجي رات ھڪ وڳي گھر تي فائرنگ ڪئي ان بعد ۾ گھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو .
نثار احمد ٻڌايو ته مخالفن جو منھنجي مامي مير محمد ٻٽ سان زمين تي تڪرار ھلندڙ آھي مخالفن چار ڏينھن اڳ منھنجي مامي مير محمد تي حملو ڪيو ان مٿان بندوق ۽ رپيٽر سان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ منھنجو مامو زخمي ٿي پيو اھڙو ڪيس سوڀوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو
هنن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي جوابدرن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي،،،،،،،،،،
*****