خيرپور ۾ ڳاڙهي پل ويجهو اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس غير معياري آئل ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هڻي سيل ڪري ڇڏي
اسسٽنٽ ڪمنشر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيل ڪيل فيڪٽري ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آئيل ٺاهيندو هو، عوام جي دانهن تي فيڪٽري خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.
هن چيو ته ڊپٽي ڪمنشر جي هدايت تي ڪارروائي بعد فيڪٽري کي سيل ڪيو آهي، جڏهن ته غير معياري آئيل ٺاهيندڙ فيڪٽري مالڪن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي