رپورٽ: عادلپور: پوليس جي ڪارروائي، ڪارنهن الزام هيٺ گهربل جوابدار گرفتار

عادلپور پوليس ڪارنهن الزام هيٺ گهرواري کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايڇ او مجيد آرائين ٻڌايو ته ڳوٺ ڪوپ ۾ ٽي ڏينھن اڳ رشيده ماڇي کي جوابدار مڙس ثناءالله قتل ڪري فرار ٿي ويو هو.

هن چيو ته غلام رسول مھر جي ڪوپ تان ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي ثناءَ الله کي گرفتار ڪيو آھي.

ھوڏانھن گرفتار جوابدار ثناءالله ماڇي جو چوڻ هو ته رشيده ماڇي کي اسلم ماڇي سان ڪارو ڪري قتل ڪيو، جنھن تي ڪو به پڇتاءُ ناھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.