آءِ ايم ايف ڳالهيون: پاڪستان جي 500 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي، آءِ ايم ايف مشن سان پهرين ڏينهن ملاقات ۾ ناڻي واري وزارت، ايف بي آر ۽ توانائي واري وزارت جون اختياريون شريڪ ٿيون.

ذريعن موجب ڳالهين ۾ پاڪستان ايندڙ مالي سال دوران 13 سيڪڙو جي اضافي سان ٽيڪس وصولين جو هدف 5 سئو ارب کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين بجيٽ ۾ ايف بي آر جو هدف 4 هزار 5 سئو ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ٽيڪس سڌارن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تجويزون به تيار ڪيون ويون آهن.

ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته درآمدن کي گهٽايو پيو وڃي ۽ هلندڙ سال جاري کاتن جو خسارو گهٽ ٿيندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ٻه هفتا رهندو ۽ ڳالهين کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽان 6 کان 8 ارب ڊالرن تائين قرض ملڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.