لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم ورلڊ ڪپ 2019ع جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ پاڪستان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ انٽرويو دوران ناصر حسين جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم اميدن کان مٿانهين آهي، جنهن وٽ نوجوان رانديگر آهن، جيڪي ڪنهن به وقت بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري سگهن ٿا ۽ هن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين ۽ شاهين شاهه آفريدي جي تعريف ڪندي چيو ته ٻئي بالر 90 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪرائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جيڪڏهن وڪيٽ انهن کي سپورٽ ڏني ته پاڪستان ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي سگهي ٿي. اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر چيو ته هي ورلڊ ڪپ هاءِ اسڪورنگ هوندو، جيڪڏهن سرفراز احمد پنهنجي نوجوان بالرن کي ڀرپور موقعو ڏنو ته اهي ڀلي ڪيتريون به رنسون ڏين پر انهن کي جوز بٽلر، ورات ڪوهلي، ايم ايس ڌوني، اسٽيون سمٿ يا ڪين وليمسن جي وڪيٽ گهرجي ته اها ئي شئي ٽائيٽل کٽڻ ۽ هارائڻ وچ ۾ فرق کي واضح ڪندي. ناصر حسين چيمپيئنز ٽرافي فائنل ۾ ڀارت خلاف فخر زمان جي سينچري جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو ثبوت آهي ته پاڪستان جي بيٽنگ لائن ڪجهه ڪري سگهي ٿي ۽ فخر زمان اهو رانديگر آهي، جيڪو پاڪستان کي سٺو اسڪور ڪري ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته بابر اعظم پاڪستان کي 3 سئو رنسون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ تجربي ڪار محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ به پنهنجي ڪارڪردگي سان ٽيم کي سهارو ڏئي سگهن ٿا. هن محمد عامر کي وڏي ميچ جو رانديگر قرار ڏيندي چيو ته جهڙي ريت هن چيمپيئنز ٽرافي فائنل ۾ وڪيٽون حاصل ڪيون اهي شاندار هيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد عامر جو ڏينهن هجي ته هو ان ڏينهن جو بهترين رانديگر هوندو آهي.