رپورٽ: ڀان سيد آباد: ۾ ڏنڊا بردارن جو اهلڪارن تي تشدد، ويڊيو وائرل

 

ڀان سيدآباد ۾ سرڪاري اسپتال ڀرسان سولنگي برادري جي  ڏنڊا بردارن پاران ميمڻ برادري جي دڪان تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن سوڌو 6 ڄڻن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيا.

متاثر دڪاندارن شفيع محمد، شهزاد ۽ امجد ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بنا جوابدا سولنگي برادري جي ماڻهن دڪان تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي.

سندن چوڻ هو ته ڄاڻ تي پوليس پهتي ته بااثر هوائي فائرنگ ڪري اهلڪارن کي به مارڪٽ جو نشانو بڻائي کين لکين رپين جو نقصان پهچايو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرن جي دانهن تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.