شهدادپور ۾ ڊرگ انسپيڪٽر جي ڇاپي وقت ڪيترائي غير قانوني ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ مالڪ اسٽورن کي تالا لڳائي فرار ٿي ويا.
سانگهڙ جي ڊرگ انسپيڪٽر رضوان احمد جٽ شھدادپور جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي اسٽور مالڪ جا لائينس چيڪ ڪيا ۽ دوائون پڻ چيڪ ڪيون.
ڇاپي وقت ڪيترائي بغير لائينس ۽ ٻئي جي لائنيس تي هلندڙ ميڊيڪل اسٽور مالڪ اطلاع تي اسٽور بند ڪري فرار ٿي ويا.
ڊرگ انسپيڪٽر چيو ته قانوني گهرجون پوريون نه هجڻ تي غير قانوني طور ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪبي