سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي عملدارن پاران امتحانن ۾ ڪاپي جو نوٽس وٺندي امتحاني مرڪزن ٻاهران قلم 144 لڳو ڪرڻ جي گهر ڪئي.
اَيسٽَيوٽَا هيڊڪواٽر ۾ سليم رضا جلباڻي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايم ڊي شفيق احمد مهيسر چيئرمين سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ ڊاڪٽر منصور احمد شيخ ايڊيشنل ڊائريڪٽر منظور حسين وسطڙو شرڪت ڪئي
گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر غلام رضا چنا۔ڊائريڪٽر لياقت علي ڄامڙو۔سميت سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ڪراچي ريجن جي پرنسپالن شرڪت ڪئي۔
گڏجاڻي دوران چيئرپرسن سنڌ ۾ ھلندڙ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي امتحانن ۾ ڪاپي جو نوٽس وٺندي سخت هدايتون جاري ڪيون تہ پيپرن ۾ ڪنهن بہ غيرقانوني طريقي کي برداشت نہ ڪيو ويندو
هن چيئرمين بورڊ کي هدايت ڪئي ته بورڊ ڪاپي خلاف سخت قدم کڻي
سندس چوڻ هو ته هيڊڪواٽر جي آفيسرن جون ٽيمون جوڙيون وڃن جيڪي ريجن ۾ وڃي صاف ۽ شفاف امتحانن کي يقيني بڻائين