رپورٽ: دادو واسين جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟ ايس يو پي ڪارڪن به روڊن تي..!!!

دادو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي شهر ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو.

ايس يو پي ڪارڪنن سڪندر سوڍر، ڪامريڊ محمد چنا ۽ عبدالحميد سومرو سومرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو واسين کي هٿ وٺي پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت، تعليم ۽ صفائي جهڙي بنيادي مسئلي کان محرو رکيو ويو آهي.

هنن چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه جي بي ڌياني سبب شهرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، سول اسپتال ۾ مريضن کي ريفر ڪرڻ، ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سميت شهر ۾ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به ڪوششون ناهن ورتيون، جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي.

ايس يو پي اڳواڻن گهر ڪئي ته عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.