ڄامشوري ۾ ٿرمل پاور هائوس جي جنڪون ون ۾ مبينا ڪرپشن ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف پيغام يونين جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي
مزدورن ۽ سياسي سماجي ڌرين ساجن پهنور ، بشير ڇڄڙو ، محمد صبدر ، انيس احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته ٿرمل پاور هائوس جنڪو ون ۾ گيس جي فراهمي بند ڪري رٿابندي هيٺ پاور هائوس بند ڪيا پيا وڃن، جنهن جو وڏو ثبوت 3 سالن کان بند ڪيل لاکڙا پاور هائوس آهي
هنن چيو ته ان کانسواءِ پاور هائوس ۾ ٺيڪيداري نظام سبب مقامي ماڻهن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ٻاهرين ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي ،
سندن چوڻ هو ته ڄامشوري ضلعي جا پڙهيا لکيا هزارين نوجوان بيروزگار آهن پر انهن کي پاور هائوس ۾ مزدوري جو ڪم به نٿو ڏنو وڃي
هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته بند ڪيل پاور هائوس کولي مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو