بدين ۾ فلٽر پلانٽ جي ملازمن پاران 6 مهينن کان پگهارو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ملازم اڳواڻن شوڪت قمبراڻي, بشير پنهور, مولا ڏنو ڇلگري ۽ ڪريم گوپانگ ۽ٻين چيو ته پگهار بند هجڻ ڪري سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن, پبلڪ هيلٿ کاتي بدين ۽ پاڪ اوسس ڪمپني پگهارون جاري نه پيا ڪن.
هنن چيو ته ميٽيننس نه ٿيڻ سبب بدين ماتلي، گولاڙچي, تلهار ۽ ٽنڊو باگو تعلقن جا 96 فلٽر پلانٽ بند پيل آھن, جنهن سبب شھري توڙي ٻھراڙي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه پيو ملي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته کين پگهارون جاري ڪري ٻچن کي بک بدحالي کان بچايو وڃي.