نه مُڙنداسين… پ پ چيئرمين واضح ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مشرف جو ٺاهيل ڪارو قانون نيب ۽ جمهوريت گڏ نٿا هلي سگهن، آمر جو ڪارو قانون انصاف جو قانون نه هوندو ته ڪيئن هلندو، آءِ ايم ايف ڊيل پارليامينٽ ۾ آڻڻ کانسواءِ نه مڃينداسين.

اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسيمبلي ۾ پهرين ڏينهن کان پاڪستاني معيشت تي سوال ڪيا ويا، اسان انهن کي سمجهايو ته توهان جون معاشي پاليسيون عوام دشمن آهن، حڪومت عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ته حڪومت پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي مڃي ورتي آهي.

سندس چوڻ هو 20 لک پاڪستاني ٽيڪس ڏئي رهيا آهن ته ڇا باقي چور آهن؟ پي ٽي آءِ حڪومت 9 مهينن تائين ملڪ ۽ عوام جو وقت ضايع ڪيو، حڪومت ايترو قرض ورتو آهي جيترو تاريخ ۾ ڪڏهن نه ورتو ويو، غريب تي بار وڌندو ته اسان خوش ڪيئن رهنداسين.

هن چيو ته اهي جهڙي طريقي سان ملڪ هلائي رهيا آهن عوام ٻاهر نڪرندو، بار وجهڻو اٿوَ ته اميرن تي وجهو، اميرن ۽ غريبن لاءِ الڳ الڳ معاشي پاليسي برداشت نه ڪبي، موجوده حڪومت اميرن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي، جڏهن ته غريبن لاءِ وڌيڪ مهانگائي ڪري رهي آهي، جيڪڏهن توهان آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪيو ٿا ته عوام نه مڃيندو، نئون معاشي صلاحڪار ايوان ۾ اچي ٻڌائي ته ڪهڙو پلان آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته 2008 کان 2013 تائين اسان سڀني کان وڌيڪ روزگار ڏنو، غريبن جي پگهار ۾ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيوسين، اسان جي حڪومت کان جيڪو ٿي سگهيو غريبن لاءِ ڪيوسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري چيو نيب هلندو يا معيشت هلندي، اها ناانصافي ۽ ٻٽو نظام نه هلندو، حڪومت ڪرڻي اٿوَ ته عوام جي خدمت ڪيو، پ پ حڪومت کان جواب گهرندي رهندي.

هن ڪنهن جو به نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته توهان جي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو، اسان ڌمڪين ۽ گرفتارين کان نٿا ڊڄون، فوجي عدالتن، 18هين ترميم ۽ صدارتي نظام تي موقف تبديل نه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.