لاهور (ويب ڊيسڪ) حمزا شهباز جي زال هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ عائشا احد کي نيب کي طلبي نوٽيس وصول ٿي ويو آهي، کيس حمزا شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
نيب جو نوٽيس گلبرگ ۾ عائشا احد جي رهائشگاهه تي سندس ملازمن وصول ڪيو، کيس اڳ ۾ 30 اپريل تي منجهند 12 وڳي پيش ٿيڻ جو چيو ويو هو پر ساڳئي ڏينهن حمزا شهباز جي پيشي سبب عائشا احد کي 3 مئي تي 12 وڳي گهرايو ويو آهي.
ذريعن موجب عائشا احد کي حمزا شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، هوءَ حمزا شهباز جي گهرواري هجڻ جي دعويدار رهي آهي.