سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ عورت مڙس جي قتل جي الزام ۾ نوجوان کي ماري ڇڏيو.
سرگوڌا جي علائقي ڀلوال ۾ عورت فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوليس ٿڏي تي ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب رفعت بي بي ۽ مقتول ابرار ٻئي ڦلروان جا رهواسي آهن.
مقتول ابرار قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ اشتهاري هو، عورت پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ابرار منهنجي مڙس کي قتل ڪيو هو ۽ ابتو مون کي ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيو، پنهنجي مڙس جو پلاند وٺڻ لاءِ مان ان کي قتل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجي ئي مڙس جي قتل ڪيس ۾ ضمانت تي هئي، سندس خلاف اڄ ڪيس جي ٻڌڻي هئي ۽ هن عدالت ۾ پيشي کان اڳ ئي فائرنگ ڪري ابرار کي قتل ڪري ڇڏيو.