اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي سعودي حڪومت طرفان واڌو حج ڪوٽا ملي وئي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ 15 هزار 7 سئو 90 پاڪستاني حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ واڌو ڪوٽا جا ڪڻا ڪڍيا ويندا، جڏهن ته اضافي ڪوٽي ۾ 9 هزار 474 ماڻهو سرڪاري ۽ 6 هزار 316 ماڻهو پرائيويٽ ٽور آپريٽرز ذريعي حج تي ويندا.
واضح رهي ته ان کان اڳ فيبروري ۾ به سعودي عرب پاڪستان جي حج ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي هئي، اڳ پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 84 هزار هئي، جيڪا واڌ کانپوءِ 2 لک ٿي وئي هئي.