- نوابشاهه ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هدايت کانپوءِ ٻيلو کاتو شهيد بينظير آباد طرفان پوليس سان گڏجي آپريشن سُک پور ٻيلي کان شروع ڪيو ويو.
- ٻيلي کاتي جو ڊي ايف او گل محمد جوڻيجو، ڊي ايس پي رمضان ناهيون ۽ پوليس نفري سان گڏجي ماڙي ٻيلو ۾ آپريشن شروع ڪيو.
- مندن شاهه جا چار ٽيوب ويل، فيصل خاصخيلي، ساهڙ خاصخيلي، حاجي کٽي کانپوءِ پيراڻو مهيسر جي ٽيوب ويل تي پهتا ته اُتي ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي جنهن کانپوءِ آپريشن روڪيو ويو.
- پوليس ۽ ٻيلي کاتي جا عملدار واپس محراب پور پهچي تڪ جي چونڊيل نمائندي ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه سان رابطو ڪيو جنهن پنهنجو مينيجر خُرشيد خاصخيلي عرف بابو پوليس نفري ۽ ٻيلي کاتي جي عملدارن سان گڏجي آپريشن شروع ڪري ڏنو .

You might also like